پهرين جولاءِ کان پيٽرول هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿيندو

ڪراچي: پهرين جولاءِ کان پيٽرول هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿيندو ،ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل عوام کي خبر ٻڌائي ڇڏي .هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پيٽرول تي ليوي لڳائي ويندي .هن چيو ته اوگرا جي سمري اچڻ کان  پوءِ وزيراعظم منظوري ڏيندو ، مان سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي حق  ۾ ناهيان . اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بڻائڻ واري خبرن تي تبصرو ڪندي سندس چوڻ هو ته کيس عهدي تي رکڻ يا نه رکڻ وزيراعظم جي صوابديد تي آهي ، هو جيڪڏهن ڪم مان مطمئن ناهي ته وزير کي تبديل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ٿيندو رهندو آهي ، اسحاق ڊار حڪومت جي معاشي ٽيم جو حصو آهي ، اسٽيٽ بينڪ جي انٽرويوز ۾ به هو پينل ۾ شامل هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔