ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري، پيپلز بس سروس اڄ کان شروع

ڪراچي: وڏي عرصي کانپوءِ ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري آهي ته پيپلز بس سروس اڄ کان شروع ٿي وئي آهي جنهن جو افتتاح بلاول ڀٽو زرداري ڪيو آهي .ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ماڊل ڪالوني کان شاهراهه فيصل جي رستي ميٽرول پول، آءِ آءِ چندريگر روڊ ٽاور تائين بسون هلايون وينديون . 29 ڪلوميٽر ڊگهي روٽ تي 30 بسون هلايون وينديون جيڪي صبح جو 7 وڳي کان رات 12 وڳي تائين هلنديون جڏهن ته بسن جو وڌ کان وڌ ڪرايو 50 رپيا رکيو ويو آهي .هن چيو ته ايندڙ هفتي نارٿ ڪراچي کان ڪورنگي تائين بسون هلايون وينديون، جڏهن ته 14 آگسٽ کان اڳ ڪراچي جي مڙني روٽس تي 240 بسون هلايون وينديون جڏهن ته هلندڙ هفتي وڌيڪ 130 بسون ڪراچي بندر گاهه تي پهچي وينديون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔