تاريخي انعامي رقم سان گڏ وملڊن اوپن ٽينس ٽورنا مينٽ جي شروعات اڄ کان ٿيندي

لنڊن: تاريخي انعامي رقم سان گڏ وملڊن اوپن ٽينس ٽورنا مينٽ جي شروعات اڄ کان ٿيندي، وملڊن کٽڻ جو انعام 50 ڪروڙ روپيا مقرر ڪيو ويو آهي . وملڊن ٽينس ٽورنا مينٽ جي شروعات اڄ کان ٿيندي ،  ٽورنامينٽ ۾ آل انگلينڊ لان ٽينس ۽ ڪر وڪٽ ڪلب ۾ کيڏيو ويندو . ميگا ايونٽ جو 134 هون ايڊيشن 2020 ۾ رٿيل هو ، پر ڪووڊ 19 جي ڪري ان کي ملتوي ڪيو ويو هو .مردن ۾ نوواڪ جاڪووچ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو جڏهن ته عورتن جي دفاعي چيمپئن ايشلي بارٽي هلندڙ سال مارچ ۾ ٽينس تان ئي رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي .اڳوڻي عالمي نمبر ون ٽينس رانديگر نائومي اوساڪا رينڪنگ سسٽم ختم ڪرڻ جي ڪري وملڊن ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي . گراس ڪورٽ گرينڊ سليم ومبلڊن جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي اعلان ڪيو آهي ته هن سال ومبلٽن کٽڻ واري ٽينس رانديگر کي 50 ڪروڙ رپيا انعامي رقم ملندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔