ملڪ ۾ 5 ڏهاڙن جي پوليو جي خاتمي واري مهم اڄ کان شروع

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ 5 ڏهاڙن جي پوليو جي خاتمي واري مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي جنهن دوران هڪ ڪروڙ 26 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا پياريا ويندا .

صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته 24 ضلعا پوليو جي حوالي سان حساس قرار ڏنا ويا آهن ، حساس ضلعن ۾ سڀني ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا قطرا پياريا ويندا ، ان سلسلي ۾ معاشري جي هر ماڻهو کي پوليو جي ٽيمن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي . عبدالقادر پٽيل جو چوڻ هو ته مهم دوران هڪ لک کان وڌيڪ تربيت يافتا ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔