اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ،هڪ سڪيورٽِي اهلڪار شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سڪيورٽِي اهلڪار شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان جي ضلع ميران شاهه ۾ دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ نائيڪ زاحد احمد شهيد ٿي ويو جنهن دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪيو.

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ ضيا الله جي نالي سان ٿي آهي . دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔