سنڌ حڪومت پاران جمعي جي ڏينهن تي سرڪاري ملازمن کان گهر ويٺي ڪم وٺڻ جي تجويز

ڪراچي: سنڌ حڪومت جمعي جي ڏينهن تي سرڪاري ملازمن کي آفيسن بدران گهر ۾ ويهي ڪم وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان ڪو نئون ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف ڏئي رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ ۾ رڪارڊ ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن، آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي لاءِ 13 سيڪڙو مان ٽيڪس گهٽائي 3 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو.

وڏي وزير سيد مراد علي ساهه چيو ته ايوان ۾ گوڙ ڪندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر بجيٽ تقرير دوران منهنجو ۽ اسپيڪر جو گهيراوُ ڪيو جيڪو عمل غيرجمهوري هو.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جمعي جي ڏينهن تي سرڪاري ملازمن کان گهر ويٺي ڪم وٺڻ جي تجويز آهي، ان سان پيٽرول ۽ توانائي جي بچت ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔