ڊالر وڌي ويو، جلد ناڻي وارو وفاقي وزير عوام کي چوٿون ٽيڪو لڳائيندو: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 210 روپين تائين پهچي ويو آهي، جلد ناڻي وارو وفاقي وزير عوام کي مهانگائي جو چوٿون ٽيڪو لڳائڻ وارو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن شام 7 وڳي مارڪيٽون بند ڪيون ويون ته دڪاندار به بک مرندا، معاشي تباهي جو تاج امپورٽڊ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته آمريڪي سفير پاڪستان اچي چڪو آهي ۽ چيني سفير واپس هليو ويو آهي، هن وقت ڀارت ۾ مسلمانن جا گهر ڊاهيا پر پيا وڃن ۽ ٻئي طرف امپورٽڊ حڪومت ڀارت سان واپار ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي.

شيخ رشيد چيو ته جنهن ڏينهن موجوده حڪمرانن جا ڪرپشن وارا ڪيس ختم ٿي ويندا ان ڏينهن اهي اليڪشن ڪرائيندا، هڪ درجن واريون پارٽيون عوام جي نظرن ۾ ڪري پيون آهن ۽ اڪيلو عمران خان عوام جي دلين تي راج ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔