راکي ساونت کي مڙس رتيش کان ڌار ٿيڻ بعد بواءِ فرينڊ ملي ويو

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت کي پنهنجي مڙس رتيش کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو بواءِ فرينڊ ملي ويو ۽ سندس نئين بواِ فرينڊ جو نالو عادل خان دراني آهي

راکي ساونت هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندس نئين بواءِ فرينڊ عادل خان هن کي ملاقات ٿيڻ کانپوءِ پهرين ئي مهيني دوران دبئي ۾ هڪ خوبصورت گھر ۽ هڪ بي ايم ڊبليو ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي آهي، عادل هن کي شادي جي آڇ به ڪئي آهي

پنهنجي بواءِ فرينڊ بابت ڳالهائيندي راکي چيو ته عادل جو تعلق ميسور سان آهي، هو گھڻو وڻندڙ ۽ وفادار انسان آهي. سندس موجب رتيش کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي هيس، پوءِ خدا کي مون تي ايترو پيار آيو جو هن منهنجي زندگي ۾ عادل کي اماڻي ڇڏيو. راکي ان موقعي تي اهو به ٻڌايو ته عادل خان گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، ان کانسواءِ هن جا ٻيا به ڪيترائي ڪاروبار آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔