ڊالر  کي پر لڳي ويا، 205 رپين جي بلند سطح  کان به مٿي پهچي ويو، سون به 600 رپيا مهانگو

ڪراچي: ڊالر  کي پر لڳي ويا، 205 رپين جي بلند سطح  کان بھ مٿي ٿي ويو، سون به 600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا واڌ سان 142100 مان 142700 رپيا في تولو ٿي ويو،  جڏهن ته چاندي 10 رپيا گھٽتائي سان 1480 مان 1470 رپين تي پهتيٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 2 رپيا واڌ سان  203 مان 205 ۽ انٽر بينڪ ۾ هڪ رپيو 51 پئسا واڌ سان 203.86 رپيا ٿي ويو، هڪ موقعي تي ڊالر 204.18 رپين تي پهتو، هوڏانهن  پائونڊ 60 پئسا لاٿ سان 253.1 مان 252.5 ۽ يورو هڪ رپيو 10 پئسا گهٽتائي سان 215.6 مان 214.5 رپين تي پهتا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔