آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري: پاڪستان ڀارت کان چوٿين پوزيشن کسي ورتي

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ پاڪستان ڀارت کان چوٿين پوزيشن کسي ورتي. آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو . جڏهن ته ڀارت هڪ درجو پوئتي ويندي پنجين نمبر تي ڌڪجي ويو

ويسٽ انڊيز خلاف ڪلين سوئپ سبب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي. ون ڊي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ 12 ون ڊي ميچون کيڏڻ کانپوءِ 1505 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي

جڏهن ته ٻئي نمبر تي انگلينڊ جي ٽيم موجود آهي جنهن 19 ميچون کيڏيون ۽ 2 هزار 353 پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون آهن. اهڙي طرح آسٽريليا 18 ميچون کيڏيون ۽ 107 جي ريٽنگ سان 929 پوائنٽس حاصل ڪري رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي آهي

پاڪستان 19 ميچون کيڏيون ۽ 2 هزار 5 پوائنٽون حاصل ڪيون ۽ 106 ريٽنگ سان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.  22 ميچون کيڏڻ جي باوجود ڀارت صرف 304 پوائنٽس حاصل ڪري سگهيو ۽ ريٽنگ 105 رهي ۽ پنجين نمبر تي اچي ويو

واضح رهي ته پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 53 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو جنهن سبب سندس رينڪنگ ۾ بهتري آئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔