بااختيار ماڻهن اي سي ايل جي رولز ۾ ترميم ڪري اُن مان فائدو ورتو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سُپريم ڪورٽ اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ گهرو کاتي کان اجازت وٺڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آھي ته بااختيار ماڻهن اي سي ايل جي رولز ۾ ترميم ڪري اُن مان فائدو ورتو

جاچ ادارن ۾ مبينا حڪومتي مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي سُپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته قانوني عمل تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو تھ پارليامينٽ مان هڪطرفي قانونسازي به قانوني گهرجن پٽاندڙ ٿيڻ گهرجي، هي ڪنهن لاءِ فائدو وٺڻ جو موقعو ناهي، نظر رکنداسين ته ڪو ادارو حدون ته نه پيو اورانگهي

ھن چيو تھ اهڙو حڪم نه ڏينداسين، جو حڪومت کي ڏُکيائي ٿئي، جسٽس منيب اختر چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڇا ڪرڻ گهري ٿي، لڳي ٿو حڪومت ڪمزور ڪَٽ تي بيٺل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔