ملڪ کي هلائڻو آهي ته نيب کي ختم ڪرڻو پوندو: اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سخت فيصلن سان ئي ملڪ ۾ معاشي حالتون بهتر ٿينديون، جيستائين نيب آهي ملڪ نٿو هلي سگهي.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو نظام سڀني جي سامهون آهي، جيستائين نيب جو ادارو آهي ملڪ نٿو هلي سگهي، عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو

هن چيو ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان غلط معاهد ڪيا جنهن سبب هاڻي ملڪ هلائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪيا پيا وڃن، صدر عارف علوي فيصلو ڪري ته هو ڪنهن پارٽي جو ورڪر آهي يا ملڪ جو صدر ڇاڪاڻ ته صدر جي اهڙن قدم سان خراب روايتون جنم وٺنديون.

شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل چئن سان کان اقتدار تي قابض پارٽي نيب چيئرمين کي پاڻ وٽ قابو رکندي نام نهاد احستاب ڪندي رهي پر هاڻي ملڪ هلائڻو آهي ته نيب کي ختم ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔