شھباز ۽ حمزا جي ٻيھر گرفتاري جي ڪوشش ايف آءِ اي جي بدنيتي ظاھر ڪري ٿي: عدالت

لاهور : اسپيشل ڪورٽ سينٽرل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي ضمانت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

22 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز تي ضمانت جي غلط استعمال جو الزام نه لڳايو ويو آهي، ڪو به فائدو نه ٿيندو، ٻن ٽن پيشين کانسواءِ شھباز شريف مسلسل پيش ٿيندو رھيو آھي، جاچ مڪمل ۽ چالان جمع آھي، ان جي ڪري گرفتار سان ڪو فائدو نھ ٿيندو

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اڪائونٽن ۾ 16 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ رڳو 6 ڪروڙ 70 لک رپيا اڪائونٽس جمع ھجڻ جو ذڪر آھي، رقم جمع ڪرائيندڙ 64 مان ڪنهن به شهباز شريف ۽ حمزا جو نالو ناھي ورتو، جڏهن ته سندن بيانن ۾ رشوت ۽ ڪڪ بيڪ جو به ذڪر ناهي

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ رشوت جي الزامن تي اڃا تائين ڪو به ثبوت ناهي مليو، انهن الزامن تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، شهباز شريف ۽ حمزا کان 18 ڊسمبر 2020 تي جيل ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ کانئس ٻه ڀيرا پڇا ڳاڇا ڪئي وئي

8 جنوري 2021ع تي ايف آءِ اي 5 مهينن تائين خاموش رهي، پراسيڪيوشن ثابت نه ڪري سگهيو ته حمزا شهباز جي چوڻ تي اڪائونٽس کوليا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔