سنڌ حڪومت اڄ بجيٽ پيش ڪندي، پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان

ڪراچي: سنڌ حڪومت 1700 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ اڄ پيش ڪندي، پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان، بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 459 ارب رُپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

 صوبائي سالياني ترقياتي بجيٽ 332 ۽ ضلعي ترقياتي بجيٽ 30 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز، عالمي بئنڪ جي قرضن تحت 91 ارب جون رٿائون به شامل، تعليم جي رٿائن لاءِ 34 هزار 217، صحت لاءِ 23 هزار 334، زراعت لاءِ 7 هزار 50 ۽ ثقافت لاءِ 2001 ملين مخصوص ڪيا ويا آھن

آبپاشي لاءِ 22 هزار 525، واهن کي پڪو ڪرڻ لاءِ 10 هزار، پبلڪ هيلٿ ۽ رورل ڊولپمينٽ لاءِ 23 هزار 475 ملين رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي،  گهرو کاتي لاءِ 9 هزار 202، چوپائي مال ۽ ماهيگيري لاءِ 17 سئو 16، توانائي لاءِ 2 هزار 550، ماحوليات لاءِ 1200 ۽ فاريسٽ کاتي لاءِ 15 سئو هڪ ملين رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔