اسٽاڪ مارڪيٽ جي رانديگرن کي اربين رپين جو رليف ڏنو ويو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ٻن سالن لاءِ رکيل شيئرز تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي شرح گهٽ ۽ ڇهين سال ۾ سي جي ٽي مڪمل ختم ڪرڻ جي صورت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي رانديگرن کي انڪم ٽيڪس ۾ اربين رپين جي ڇوٽ ڏني آهي . حڪومتي ذريعن موجب وفاقي حڪومت فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي سي جي ٽي جي شرح 12.5 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري چڏي جنهن سان 5 ارب رپين جو اضافي روينيو ملي ها ، پر حڪومت هڪ سال اندر شيئرز جي وڪري تي 15 سيڪڙو ڪيپيٽل گين ٽيڪس مقرر ڪيو آهي پر هولڊنگ پيرڊ دوران نفع پر ٽيڪس جو تصور هڪ ڀيرو ٻيهر متعارف ڪرايو آهي .حڪومت جي اهڙي قدم سان اسٽاڪ مارڪيٽ جي رانديگرن کي گهٽ ۾ گهٽ 8 ارب رپين جو فائدو ٿيندو .اهو قدم وزيراعظم شهباز شريف جي اميرن تي ٽيڪس لڳائي غريبن کي رليف ڏيڻ جي پاليسي جي به خلاف آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔