ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ کان شروع ٿيندو، پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا چِٽا امڪان

اسلام آباد؛ پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي سفارشي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن . جرمني ،آمريڪا سميت ٻين اهم ملڪن ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي پاڪستان پاران ڪيل اڳڀرائي تي سهڪار جي حوالي سان جزوي راضپو ڏيکاريو آهي ، جنهن جي ڪري پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪرڻ جا روشن امڪان آهن.ذريعن موجب وزيراعظم ميان شهباز شريف ، پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر جي هاڻوڪي دورن ۾ ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان اهم ڳالهه ٻول ٿي آهي ، جنهن ۾ اهم ملڪن پاران پاڪستان لاءِ نرم رويي جو اظهار ڪيو ويو آهي ، ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي لڳ ڀڳ سڀني نقطن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي رڳو سزائن جي حوالي سان عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان پراسيڪيوشن ۽ سڀئي لاڳاپيل قانوني ترميمون ڪري چڪو آهي .ايف اي ٽي ايف جو اهم اجلاس اڄ 14 جون کان جرمني جي شهر برلن ۾ شروع ٿي رهيو آهي جيڪو 17 جون تائين جاري رهندو جنهن ۾ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان نهايت روشن آهن  ڇو ته پاڪستان 34 مان 32 نقطن تي عمل ڪيو آهي . اجلاس ۾ پاڪستان بابت معاملا پندرهن سورهن جون تي غور هيٺ ايندا ۽ توقع آهي ته پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ايندو جڏهن ته آخري صورتحال هلندڙ هفتي واضح ٿي ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔