سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ڪرڻ وارو بل پاس

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ڪرڻ وارو بل پاس، بل خلاف اپوزيشن جو احتجاج، پي ٽي آءِ ميمبرز بل جون ڪاپيون ڦاڙي واڪ آئوٽ ڪري ويا

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بل منظور ٿيڻ سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ 2022 فوري طور لاڳو هوندو ۽ هاڻي وڏي وزير جِي سفارش تي گورنر ايس پي ايس سي جو نئون چيئرمين ۽ ميمبرز مقرر ڪندو، ميمبرن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ اقليتي ميمبر به ضرور شامل هوندو

ڪميشن جو چيئرمين گورنر وٽ ۽ ميمبرز وڏي وزير وٽ عهدن جو حلف کڻندا، شرجيل چيو ته عدالتي فيصلي سان ڪيترائي نوجوان بيروزگار رهجي ويا، نوجوانن جا سال ضايع ٿي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔