باغي ميمبرز خلاف ريفرنس خارج ٿيڻ وارو فيصلو چئلينج

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان باغي ميمبرز خلاف ريفرنس خارج ٿيڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي هدايت تي پارٽي جي ليگل ٽيم اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته باغي ميمبرز خلاف ڪميشن اڳيان سمورا ثبوت پيش ڪيا ويا هئا، اُن هوندي به شاهديون نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ريفرنس خارج ڪيو ويو

درخواست ۾ ڄاڻايوويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي جمهوريت جي بقا لاءِ هارس ٽريڊنگ ۽ فلور ڪراسنگ خلاف فيصلو ڏيڻو هو

تحريڪ انصاف عدالت کي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔