ڪي پي حڪومت طرفان 13 سئو 32 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ پيش

پشاور: خيبرپختونخواه حڪومت طرفان 13 سئو 32 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 16 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آھي

 ڪي پي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران ناڻي جي وزير تيمور سليم جهگڙا چيو آهي ته وفاق کان تيل ۽ گئس رائلٽي جي مد ۾ 31 ارب رُپيا ملندا

ھن چيو تھ ڪي پي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن جي خرچ جو ڪاٿو 223 ارب رُپيا لڳايو ويو، تيمور سليم جهگڙا بجيٽ کي خوددار بجيٽ جو نالو ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ آئي ڏينهن مهانگائي ۾ وڌي رهي آهي، حڪمران ملڪ نٿا سنڀالي سگهن ته اقتدار ۾ ڇو آيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔