سنڌ ڪابينا 17 کرب رُپين جي ٽئڪس فري بجيٽ منظور ڪري ورتي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا 17 کرب رُپين جي ٽئڪس فري بجيٽ منظور ڪري ورتي آھي، اڄ پيش ٿيندڙ سنڌ جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آھي

وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ کي غريب دوست قرار ڏيندي چيو آهي ته هن بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ۽ معاشي پاڻڀرائپ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص معاون ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ شريڪ هئا

جڏھن تھ ٻڌايو پيو وڃي تھ اڄ پيش ٿيندڙ سنڌ جي بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 459 ارب رُپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، صوبائي سالياني ترقياتي بجيٽ 332 ۽ ضلعي ترقياتي بجيٽ 30 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آھي

عالمي بئنڪ جي قرضن تحت 91 ارب جون رٿائون به شامل، تعليم جي رٿائن لاءِ 34 هزار 217، صحت لاءِ 23 هزار 334، زراعت لاءِ 7 هزار 50 ۽ ثقافت لاءِ 2001 ملين مخصوص ڪيا ويا آھن

 آبپاشي لاءِ 22 هزار 525، واهن کي پڪو ڪرڻ لاءِ 10 هزار، پبلڪ هيلٿ ۽ رورل ڊولپمينٽ لاءِ 23 هزار 475 ملين رکڻ جي سفارش، گهرو کاتي لاءِ 9 هزار 202، چوپائي مال ۽ ماهيگيري لاءِ 17 سئو 16، توانائي لاءِ 2 هزار 550، ماحوليات لاءِ 1200 ۽ فاريسٽ کاتي لاءِ 15 سئو هڪ ملين رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔