پي ٽي آءِ لانگ مارچ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ لانگ مارچ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، وفاق ۽ پنجاب کي احتجاج جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي

پي ٽي آءِ پاران درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي رنڊڪون وجهڻ، تشدد ۽ گرفتارين کان روڪيو وڃي، پُرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي

ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت وفاق ۽ صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ گهري ٿي، ڪهڙو قانون پُرامن احتجاج کان روڪي ٿو؟ سُپريم ڪورٽ ۾ اڳواٽ اجازت لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ بنيادي حقن جا سوال اُٿاريا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔