يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي واري تيل ۽ گيهه جي قيمت ۾ 2 سئو روپين کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر جاري آهي، ان سلسلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي وارو تيل 213 روپيا في ليٽر ۽ گيهه في ڪلو 208 روپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
ملڪ اندر مهانگائي جي پيڙهيل عوام مٿان هڪ ٻيو بم ڪرايو ويو آهي، سڄي ملڪ جي يوٽيلي اسٽورن تي گيهه ۽ کاڌي واري تيل جا اگهه وڌائي عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن گيهه ۽ کاڌي واري تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گيهه جو في ڪلو 208 روپين جي واڌ کانپوءِ 5 سئو 55 روپيا ۽ کاڌي واري تيل جو في ليٽر 213 روپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 605 روپين جو ٿي ويو آهي.
ان ڏس ۾ عوام گيهه ۽ کاڌي واري تيل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ اندر مهانگائي تي ضابطو آڻي کاڌ خوراڪ جون شيون سستيون ڪيون وڃن ته جيئن غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔