ڪراچي: جيل چورنگي وٽ سپر اسٽور کي لڳل باهه تي ضابطو نه آيو

ڪراچي: جيل چورنگي وٽ سپر اسٽور کي لڳل باهه تي ضابطو نه آيو آھي،  باھ بي قابو ٿي وئي، جيل چورنگي وٽ رهائشي عمارت جي بيسمينٽ تي قائم سپر اسٽور کي باهه لڳي وئي

عمارت جي فليٽس ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، باهه وسائڻ لاءِ سموري شهر جا فائر ٽينڊرز طلب ڪيا ويا آھن،  15کان وڌيڪ فائر ٽينڊرز ۽ رينجرز اهلڪار ريسڪيو ٽيمن سان گڏ باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آھن

ڊي سي اوڀر موجب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، باهه تي ضابطو اچڻ بعد واقعي جي جاچ ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔