وزيراعظم غريبن جي لاءِ ريليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف غريبن جي لاءِ ريليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت 20 ڪلو اٽي جو ٿيلو گهٽ ٿي 800 رپين ۾ ملندو .

حڪومتي ترجمان جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڏي ريليف پروگرام هيٺ 20 ڪلو اٽي جي ٻاچڪي جي قيمت 950 رپين مان 150 رپيا گهٽ ٿي 800 روپيا جڏهن ته کنڊ جي قيمت 15 رپيا في ڪلو گهٽ ٿي 85 رپين جي جاءِ تي 70 روپيا ڪئي وئي آهي .

ريليف پيڪيج تحت غريب شهرين کي گهه، چانور ۽ دالين تي به رعايت ڏني پئي وڃي .

حڪومتي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهو تاريخي ريليف پيڪيج آهي جيڪو اڳوڻي حڪومت جي ريليف جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو  وڌيڪ آهي .

حڪومتي پڌرائي موجب ريليف پيڪيج تي اڄ کان عملدرآمد شروع ٿي ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔