سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ 21 هزار ڀرتين خلاف متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ 21 هزار ڀرتين خلاف متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، متحده جا بئنچ تي اعتراض ۽ لارجر بئنچ جوڙڻ جي استدعا به رد ڪئي وئي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس بابت ٻڌڻي دوران متحده جي وڪيل ۽ بئنچ ۾ سخت جُملن جي ڏي وٺ ٿي، متحده جي وڪيل چيو ته بئنچ ۾ شامل هڪ جج پراسيڪيوٽر رهي چڪو آهي، هو حڪومت خلاف ڪيس تي ٻڌڻي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

ھن چيو تھ هي ڪيس چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيو وڃي، اي جي سنڌ چيو ته بئنچ جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو، اُهو افسوس جوڳو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔