سمارٽ فون ڪڏهن ماضي جو قصو بڻجي ويندا؟نوڪيا جي سي اي او جي اڳڪٿي

فيفٿ جنريشن موبائل نيٽ ورڪ (5G) ڪراچي: ٽيڪنالوجي اڃا پوري دنيا ۾ متعارف نه ٿي آهي، پر ان کان به وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي يعني 6G تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي

پر ڇا هن ٽيڪنالاجي کي سمارٽ فونز تي استعمال ڪري سگهبو؟ نوڪيا جي سي اي او کي ائين نٿو لڳي

نوڪيا جي سي اي او پيڪا لينڊ مارڪ پراميد آهي ته 6 جِي موبائل نيٽ ورڪ هن ڏهاڪي جي آخر تائين فعال ٿي ويندو، پر هو اهو نٿو سمجهي ته سمارٽ فونز هن ٽيڪنالاجي لاءِ عام انٽرفيس هوندا

سمارٽ فون هن وقت زندگي جو سڀ کان اهم حصو بڻجي چڪو آهي ۽ اڪثر ماڻهو ان کان پري نٿا رهي سگهن، پر نوڪيا جي سي اي او جو خيال آهي ته 2030 تائين اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگين مان سمارٽ فونز کي هٽائي ڇڏيندا

تازو ئي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڳالهائيندي پيڪا لينڊ مارڪ کان سوال ڪيو ويو ته ماڻهو ڪيتري وقت تائين سمارٽ فونز کي جديد ڊيوائيسسز ۾ تبديل ڪري وٺندا، جيڪي جسم ۾ نصب ٿي وينديون، جنهن تي هُن جواب ڏنو ته اهو سڀ 2030 کان اڳ ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔