سنڌ ۾ معطل ٿيل 336 ويڪسينيٽرز کي بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت طرفان معطل ڪيل 336 ويڪسينيٽرز کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته صحت کاتو سمورن ويڪسينيٽرز جي سروس به 2020ع کان سينيارٽي سان گڏ بحال ڪري

صحت کاتي جون 2020ع ۾ 336 ويڪسينيٽرز کي معطل ڪيو هو

ويڪسينيٽرز معطلي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو هو، جڏهن ته لاڳيتو ڪراچي ۾ احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرائيندا رهيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔