کنڊ، گيهه، کير، پٽاٽا، ٽماٽا، دال سوڌو عام واهپي جي 27 شين جي اگهن ۾ واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ عام واهپي جي شين جي اگهن کي به پر لڳي ويا، کنڊ، گيهه، کير، پٽاٽا، ٽماٽا، دال چڻا ۽ دال ماش سوڌو عام واهپي جي 27 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي

شماريات کاتي مهانگائي جا هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، هلندڙ هفتي مهانگائي جي شرح 16.9 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي، هن هفتي پٽاٽا 3 رُپيا، ٽماٽا، کير ۽ داليون 4-4 رُپيا مهانگيون ٿي ويون

شماريات کاتي موجب ايل پي جِي جَي گهريلو سلينڊر، ڪڪڙ ۽ ٿوم سوڌو 5 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔