حڪومت طرفان غريب عورتن کي وظيفو ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: حڪومت غريب عورتن کي وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، گهر جي سربراهه عورت جي مالي مدد ڪئي ويندي

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته خبر ناهي ته پهرين جون کان پئٽرول ٻيهر مهانگو ٿيندو، اهو مناسب ناهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ وري پئٽرول جا اگهه وڌايا وڃن

مفتاح اسماعيل چيو ته 40 هزار کان گهٽ آمدني وارن کي ماهوار 2 هزار رُپيا وظيفو ملندو، گهر جي سربراهه عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي رجسٽر ڪرڻ بعد وظيفو ڏنو ويندو

جون مهيني کان وظيفو ڏيڻ شروع ڪنداسين، وزيراعظم جي رليف پئڪيج مان 8 ڪروڙ 40 لک غريب ترين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا

هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ شامل ماڻهن جو به وظيفو وڌايو ويندو، يوٽيلٽي اسٽورز تي 40 رُپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪيو ويندو،کنڊ به 70 رُپيا في ڪلو مهيا ڪنداسين

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مفتاح اسماعيل چيو ته جون ۾ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول تي معاهدو ٿي ويندو، بورڊ جي اجلاس بعد پئسا ملندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔