ڇا عائزا خان اداڪاري کي خير آباد چئي ڇڏيو؟

ڪراچي: قومي سپر اسٽار اداڪارا فيشن مادل عائزھ خان بابت خبرون گردش ڪري رھيون آھن ته ھُن اداڪاري ڇڏي ڏني آھي

عائزا خان بابت اھي خبرون سوشل ميڊيا تي اُن وقت سامھون آھيون جڏھن اداڪارا پنھنجي انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي ۽ اعلان ڪيو تھ في الحال پنھنجي ڪم يعني اداڪاري مان بريڪ وٺي رھي آھي

عائزھ خان پنھنجي اسٽوري تي لکيو ته مداح سوال ڪري رھيا آھن ته مان في الحال ڇا ڪري رھي آھيان؟!

اداڪارا لکيو تھ مان اڄڪلھ پنھنجو خيال رکي رھي آھيان، ڪم مان بريڪ ورتو آھي، اداڪارا جي اھڙي پوسٽ بعد سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو آھي ته عائزا خان اداڪاري کي خير آباد چئي ڇڏيو آھي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔