حڪومتي اتحادي نئين نيب چيئرمين لاءِ جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق

اسلام آباد: حڪومتي اتحاد نيب چيئرمين لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آھي

ذريعن جو چوڻ آھي تھ ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي پارٽيز وچ ۾ نئين نيب چيئرمين جي نالي تي مشاورت ٿي آھي، سڀ پارٽيون جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق ٿيون آھن

ذريعن جو چوڻ آھي تھ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيز جسٽس(ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق آھن، جڏھن تھ مقبول باقر جو نالو آصف زرداري ۽ شھباز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران بھ غور ھيٺ آيو ھو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔