وزيراعظم پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب گهراڻن کي ماهوار2 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد ؛ وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب گهراڻن کي ماهوار 2-2 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

قوم کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ شهباز شريف چيو ته اسان غريب عوام کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي بار کان بچائڻ لاءِ 28 ارب رپين جو ماهوار پئڪيج شروع ڪري رهيا آهيون

پئڪيج تحت هر مهيني غريب گهراڻن کي 2-2 هزار رپيا ملندا، ان پئڪيج سان غريب گهراڻن جي ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهن کي رليف ملندو، جيڪو بينظير انڪم سپورٽ ذريعي ملندڙ رليف کان علاوه آهي، يوٽيلٽي اسٽورز کي 10 ڪلو اٽي وارو ٿيلو 4 سئو روپين ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ چيو آهي

عمران خان تي تنقيد ڪندي شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو توهان ڪيو اسان نه ڪيو هو، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جا انڌيرا توهان جي دور ۾ ٿيا، اڳوڻي حڪومت سياسي فائدي خاطر پيٽرول جا اگهه نه وڌايا، پيٽرول جا اگهه وڌائڻ ملڪ کي ڏيواليو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڻٽر هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔