سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ تحريڪ انصاف اڳواڻن مٿان ڪيس داخل

لاهور: لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مٿان سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مٿان سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، پوليس اهلڪارن تي تشدد، اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ ۽ اينٽي رائٽ سامان ڦرڻ تي سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.
ڪيسن ۾ نامزد ڪيل اڳواڻن ۾ جمشيد اقبال چيمه، مسرت چيمه، حسان نيازي ۽ زبير نيازي سميت ٻيا نامعلوم ماڻهو شامل آهن. حڪومت طرفان ڪيس گلبرگ، بهاٽي گيٽ، شاهدره، اسلام پوره ۾ داخل ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن موجب اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ ان جي ڀاءُ سميت 200 نامعلوم ماڻهن خلاف سرڪاري ملڪيتن ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي منگلا ڪينٽ ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔