حيدرآباد ۾ گرمي وڌڻ سبب گيسٽرو جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي

حيدرآباد: حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ کان پوءِ گيسٽرو جي ڪيسز ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
صحت کاتي جي ذريعن موجب 24 ڪلاڪن دوران حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ 1900 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ان حوالي سان صحت کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد مان رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جو انگ 800 کان وڌيڪ ۽ 5 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جو انگ 1100 کان وڌيڪ آهي.
رپورٽ موجب ڊويزن ۾ گيسٽرو جا سڀني کان وڌيڪ ڪيس حيدرآباد ۾ 509 کان وڌيڪ جڏهن ته ٽنڊومحمدخان، ٺٽو ۽ دادو لاڳيتو ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن. صحت کاتي شهرين کي پاڻي اُوٻاري پيئڻ ۽ بازار جي ماني نه کائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔