حڪومت نيب جا اختيار گهٽائي ڇڏيا، مدو پورو ڪندڙ شخص ٻيهر چيئرمين نه بڻجي سگهندو: ترميمي بل منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) آرڊيننس 1999 ۾ ترميم جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي

بل موجب نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 3 سال آهي، مدو پورو ٿيڻ بعد ساڳئي شخص کي ٻيهر چيئرمين نه بڻائي سگهبو

نئين چيئرمين جي مقرري لاءِ مشاورت چيئرمين جو مدو ختم ٿيڻ کان 2 مهينا اڳ شروع ڪئي ويندي ۽ اهو عمل 40 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻو پوندو

بل موجب وزير اعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ نيب چيئرمين جي مقرري جو مامرو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويندو، جيڪا نيب چيئرمين لاءِ نالا 30 ڏينهن ۾ فائنل ڪندي

وفاقي يا صوبائي ٽيڪس جا معاملا نيب جي اختيار واري دائري مان ڪڍيا ويا آهن، نيب ڪرپشن الزام ۾ گرفتار شخص کي 24 ڪلاڪن ۾ نيب ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو پابند هوندو

بل موجب ڪيس داخل ٿيندي ئي گرفتار نه ٿي سگهندي، نيب گرفتاري کان اڳ جوڳا ثبوت گڏ ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جو پابند هوندو

ترميمي بل ۾ نيب طرفان رمانڊ واري مدي کي 90 ڏينهن مان گهٽائي 14 ڏينهن ڪيو ويو آهي، بل تحت مالي فائدو نه وٺڻ جي صورت ۾ وفاقي يا صوبائي ڪابينا جا فيصلا نيب جي اختيار ۾ نه هوندو، ڪوبه ترقياتي منصوبو يا اسڪيم بي قادگي نيب جي دائري اختياري ۾ نه آيندي، ڪنهن به ريگوليٽري اداري جي فيصلن تي نيب ڪارروائي نه ڪري سگهندو

ترميمي بل موجب احتساب عدالت ۾ ججز جي مقرري 3 سالن لاءِ هوندي، احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت ڪرڻي پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔