ڀارتي عدالت ڪوڙي ڪيس ۾ ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

نئين دهلي: ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته سندس مٿان 10 هزار ڀارتي روپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي 19 مئي تي دهشتگردن کي فنڊنگ جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو. محمد ياسين ملڪ نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد آهي.
ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ عدالت ۾ جج سان ڳالهائيندي چيو ته مان خيرات نه گهرندس، اوهان کي جيڪا سزا ڏيڻي آهي ڏئي ڇڏيو، پر مون کي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيو، ياسين ملڪ چيو ته جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته ڀارت جا 7 وزيراعظم مون سان ملڻ ڪشمير ڇو ايندا هئا؟ ياسين ملڪ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته ڪيس دوران منهنجي خلاف چارج شيٽ ڇو فائل نه ڪئي وئي؟ مان دهشتگرد هئس ته وزيراعظم واجپائي جي دور ۾ مون کي پاسپورٽ ڇو جاري ٿيو؟ مان دهشتگرد هئس ته مون کي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ اهم جڳهين تي ليڪچر ڏيڻ جو موقعو ڇو ڏنو ويو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔