حڪومت سُپريم ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت سُپريم ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ورڪرز سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو

درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ وڻن ۽ فائر برگيڊ گاڏين کي باهه ڏيڻ سان گڏ فائرنگ ڪئي وئي، حڪومت طرفان عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ جي استدعا ڪئي وئي، جڏھن تھ سُپريم ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙي ورتي آھي

 عمران خان گذريل ڏينھن اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو، جنھن دوران لاھور، اسلام آباد، ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جھڙپون ٿيون، گاڏين کي باھيون ڏنيون ويون، عمران خان پاران اڄ صبح ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ بعد حڪومت کي نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ 6 ڏينھن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔