عمران خان پاران اليڪشن جي اعلان لاءِ حڪومت  کي 6 ڏينهن جو الٽيميٽم

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت کي اليڪشن ڪرائڻ ۽ اسيمبليون تحليل ڪرڻ لاءِ 6 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو .

جناح ايونيو اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته 30 ڪلاڪن ۾ ڪنٽينر تي پشاور کان هتي پهتو آهيان ، رستي ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي .چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو .

سندس چوڻ هو ته آزادي جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هرقسم جا طريقا استعمال ڪيا ويا ، پر 30 ڪلاڪن ۾ ڏٺو ته قوم غلامي جي خوف مان آزاد ٿي وئي آهي .

عمران خان چيو ته جمهوريت ۾ اهڙا هربا استعمال ڪيا ويا وڃن ٿا ، هڪ ساٿي کي اٽڪ ۾ هڪ کي راوي درياءَ ۾ ڪيرائي شهيد ڪيو ويو ۽ هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو .

هن چيو ته حڪومت کي 6 ڏينهن جو مدو ڏئي رهيو آهيان ، اسيمبليون تحليل ڪري جون ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي  نه ته سڄي قوم کي ساڻ ڪري وري اسلام آباد ايندس .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔