عمران خان جي قيادت ۾ حقيقي آزادي مارچ شروع: پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، گرفتاريون، ڀڃ ڊاهه

لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي قافلن طرفان رنڊڪون هٽائڻ تي پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، بتي چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، قافلن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي شيلنگ ۽ لاٺي چارج، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا

 پوليس طرفان قافلن جي اڳواڻي ڪندڙ ياسمين راشد جي گاڏي جو گهيراءُ ڪيو ويو، سندس گاڏي جي ونڊ اسڪرين ٽوڙي وئي، ياسمين راشد گهيرو ٽوڙي نڪري وئي

لاهور جي ايوان عدل ٻاهران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون، اهلڪار ۽ ڪارڪن هٿئين پئجي ويا، پي ٽي آءِ جي حامي وڪيلن ۽ ڪارڪنن حراست ۾ ورتل زبير نيازي کي ڇڏائي ورتو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ولي انٽرچينج کان پنهنجو “حقيقي آزادي مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي

عمران خان ڪنٽينر تي سوار آهي ۽ سوين ڪارڪن به ساڻس گڏ ڪپتان سان گڏ اسلام آباد طرف مارچ ڪري رهيا آهن

واضح رهي ته عمران خان ولي خان انٽرچينج تائين هيليڪاپٽر ذريعي پهتو هو، جڏهن ته هو هاڻ ڪنٽينر تي سوار ٿي مارچ جي قيادت ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔