ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين  سطح تي پهچي ويو

ڪراچي:  ملڪ ۾ غير يقيني سياسي صورتحال جي ڪري آمريڪي ڊالر جي قيمت 200 رپين کان به وڌي وئي آهي ، اها ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جي بلند ترين سطح آهي .

تفصيل موجب انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 4 پيسا مهانگو ٿي 201 رپيا 45 پيسن تي ٽريڊ ڪري رهيو  آهي .

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 202 رپين مان 206 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي . فاريڪس ڊيلرز جو چوڻ آهي ته اپريل کان هن وقت تائين انٽر بينڪ ۾ ڊالر 19 رپيا 45 پيسا مهانگو ٿي چڪو آهي  جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 24 رپيا مهانگو ٿي چڪو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔