مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار، ھٿيار هٿ

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون دوران پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي گرفتار ڪري ورتو آھي

پي ٽي آءِ ترجمان طرفان سينيٽر اعجاز چوڌري به گرفتار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، لاهور ۾ شفقت محمود جي گهر تي به ڇاپو ھنيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ هٿ نه آيو

 لاهور پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ بجاش ۽ زبير نيازي جي گهر مان وڏي تعداد ۾هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ٻنهي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

ان سلسلي ۾ اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته بني گالا ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن به پاڻ سان گڏ هٿيار رکيا آهن، ملڪ کي تباھي ڏانھن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔