ڇا ھر احتجاج تي ملڪ کي بند ڪيو ويندو، ملڪ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، سڀني کي نظر اچي پيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الحسن چيو آھي تھ معاشي لحاظ کان ملڪ نازڪ دور ۽ ڏيوالو نڪرڻ جي در تي آھي، ؟ سُپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ جو مارچ روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا آھن،

 ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ماڻهن جون زندگيون متاثر ڪرڻ بدران آسانيون پيدا ڪريو، قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي

عدالت چيو تھ احتجاج جو حق گهرو ٿا، پر توهان به قانون ۽ قاعدن تي عمل جا پابند آهيو، ملڪ جي معاشي صورتحال جي سڀني کي خبر آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ٿيو ته ڇا ٿيندو، ڇا ھر احتجاج تي ملڪ کي بند ڪيو ويندو

ھن چيو تھ ملڪ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، سڀني کي نظر اچي پيو، عدالت گهرو سيڪريٽري،  آءِ جي اسلام آباد، چيف ڪمشنر ۽ ڊي سي کي طلب ڪري ورتو، چئني صوبن جي اي جيز کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔