ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان جي انڊونيشيا کي 13 گول تان شڪست

جڪارتا:  پاڪستان  مينز ايشيا هاڪي ڪپ ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ انڊونيشيا کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 13 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي .

انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارتا ۾ جاري مينز ايشيا هاڪي ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان شاندار راند پيش ڪندي ميزبان انڊونيشيا کي ٻڙي  جي ڀيٽ ۾ 13 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي .

پينالٽي ڪارنر اسپيشلٽ رضوان علي هيٽ ٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ، پاڪستان پهرين ڪوارٽر ۾ 4،  ٻئي ۾ 5، ٽئين ۾ 3 جڏهن ته چوٿين ڪوارٽر ۾ هڪ گول اسڪور ڪيو .

پاڪستان جي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي آخري ليگ ميچ 26 مئي تي جپان خلاف کيڏندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔