فلم ۽ ٽي وي جو ناليوارو اداڪار سجاد ڪشور لاڏاڻو ڪري ويو

راولپنڊي: فلم ۽ ٽي وي جو ناليوارو اداڪار سجاد ڪشور لاڏاڻو ڪري ويو . سندس لاڏاڻو راولپنڊي ۾ ٿيو .

ان ڏس ۾ مرحوم اداڪار جي خانداني ذريعن ٻڌايو ته هو ڊگهي عرصي کان بيمار هو .مرحوم اداڪار جي جنازي نماز شاه دي ٽاليان قبرستان ۾ ادا  ڪئي وئي .

مرحوم سجاد ڪشور جو ڳاڻيٽو فلم ۽ ٽي وي جي ناليوارن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو . هن پنهنجي 60 ورهين جي ڊگهي ڪيرئير ۾ ڪيترن ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا .

حڪومت پاران سجاد ڪشور کي سندس خدمتن جي عيوض تمغه امتياز سان به نوازيو ويو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔