ٽيڪساس جي اسڪول ۾ فائرنگ، 18 شاگردن سميت 20 ڄڻا مارجي ويا

ٽيڪساس: آمريڪي رياست ٽيڪساس جي اسڪول ۾ فائرنگ سبب 18 شاگردن سميت 20 ڄڻا مارجي ويا .

غيرملڪي خبر ايجنسي موجب آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ايليمينٽري اسڪول ۾ 18 سالن جي نوجوان انڌاڌند فائرنگ ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ 18 شاگرد ۽ هڪ استاد سميت 20 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال پهچايو ويو .

مارجي ويلن ۾ ٻئي کان چوٿين درجي تائين ستن سالن جي عمر جا ٻار شامل هئا . پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 18 ورهين جو حملي آور به مارجي ويو.

حملي آور جي سڃاڻ سلواڊور اموس طور ٿي جيڪو يو والڊي شهر جو  رهواسي ۽ مقامي اسڪول جو شاگرد هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔