پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ، اسلام آباد کان ڪراچي تائين اهم شاهراهون بند

ڪراچي: حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ راولپنڊي کان اسلام آباد ڏانهن ويندڙ سڀني رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو.

مارچ کي روڪڻ لاءِ مري روڊ فيض آباد کي ايڪسپريس هاءِ وي ، آءِ جي پي روڊ کي ڪنٽينر ۽ خاردار تارون لڳائي بند ڪيو ويو آهي .

گادي واري شهر سان گڏ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس ،پبلڪ ٽرانسپورٽ ، بس اڏن سميت ،تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته جاڙن شهرن ۾ اڄ ٿيندڙ پيپر به ملتوي ڪيا ويا آهن .

حڪومت اسلام آباد لاءِ پوليس رينجرز ۽ ايف سي کي گهرائي ورتو آهي جڏهن ته ريڊ زون ويندڙ سڀئي علائقا سيل آهن .

تحريڪ انصاف کي مارچ کي ناڪام بنائڻ لاءِ حڪومت راولپنڊي اسلام آباد کان ڪراچي تائين موٽر وري سميت سموريون شاهراهون بند ڪري ڇڏيون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔