وفاقي ڪابينا جو پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا پاران پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اتحادي پارٽين جي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته مارچ جي نالي تي فتنو ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله  چيو تھ لانگ مارچ کي روڪيو ويندو، ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته اسلام آباد اچي ڊڪٽيٽ ڪري

 عمران خان اهڙن جٿن سان اسلام آباد اچڻ جي ڪوشش پيو ڪري، جنهن جي ڪابه حيثيت ناهي، ڪنهن کي به رياست جي راڄڌاني جو گهيراءُ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔