عدالت مڪاني چونڊن بابت پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جون درخواستون گڏائي ڇڏيون

ڪراچي: عدالت مڪاني چونڊن بابت پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جون درخواستون گڏائي ڇڏيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن بابت پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جون درخواستون گڏائي ڇڏيون آھن،

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻئي درخواستون جسٽس اقبال ڪلهوڙو کي منتقل ڪري ڇڏيون، درخواستن تي ٻڌڻي به اڄ ئي ڪئي ويندي

ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حليم عادل جي درخواست تي فوري ٻڌڻي واري استدعا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حليم عادل شيخ تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي فوري ٻڌڻي واري استدعا رد ڪئي وئي

عدالت چيو تھ  اهڙي نوعيت جي درخواست تي اڳ ئي لاڳاپيل کاتن کان جواب طلب ڪيو آهي، اهڙي نوعيت جي درخواست تي نئين ڪارروائي ڪئين ٿا ڪري سگهون؟

درخواست ۾ چيوويو تھ حليم عادل خلاف ڳجهو ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو خدشو آهي، رپورٽ طلب ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔