نيوٽرلز، ججز ۽ وڪيلن کي پيغام ڏيان ٿو ته ھي فيصلائتو وقت آھي: عمران خان

پشاور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو تھ جيڪي پاڻ کي نيوٽرل چون ٿا، اُنهن کي واضح چوان ٿو ته توهان ملڪي سلامتي ۽ خودداري جو حلف کنيو آهي، هن وقت نيوٽرل رهڻ جي ڪابه گنجائش ناهي، وچ ۾ ويهي رهڻ جو مطلب آهي ته توهان به ڏوهارين سان گڏ آهيو

پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته حڪومت ۽ فوجي آمرن ۾ ڪو فرق ناهي، ملڪ سان ظلم ٿيو آهي پر اسان کي مارچ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، اڳوڻن فوجين ۽ شريف ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جيڪڏهن عدليه اِن جي اجازت ڏني آهي ته اُن جي ساک ختم ٿي ويندي

 عمران خان چيو ته اسان واضع طور چيو آهي ته ملڪ جون حالتون خراب آهن، هنن ڏيڍ مهيني ۾ معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، جيستائين هي ماڻهو اوندهه ۾ آهن ان جو واحد حل فوري چونڊون ڪرائڻ آهي، چونڊن کانسواءِ ڪو بھ حل ناھي

ھن چيو تھ  ملڪ تباهه ٿي ويندو، خوف آهي ته اسان سري لنڪا ڏانهن وڌي رهيا آهيون ڇو ته اسان جي رستي ۾ چور ٺهي ويا آهن، چور اهو نٿا چاهين ڇو ته اهي ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ نه آيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔