منڪي پاڪس جو خطرو: سموري ملڪ جي اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ جاري

اسلام آباد: ڪورونا کان پوءِ نئين وارس سموري دنيا ۾ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي جنهن جا ڪيسز هينئر تائين 11 ملڪن ۾ سامهون اچي چڪا آهن.
پاڪستان مٿان به هن بيماري جي خطرن کي نظر ۾ رکندي صحت واري قومي اداري منڪي پاڪس بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. صحت واري اداري وفاقي ۽ صوبائي اختيارين کي منڪي پاڪس جي شڪي ڪيسز بابت هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي سمورن ملڪن جي اچڻ وڃڻ وارن رستن ۽ ايئرپورٽس تي مسافرن جي نگراني جي هدايت ڪئي پئي وڃي

صحت جي ماهرن موجب سموري ملڪ جي وڏين سرڪاري نجي اسپتالن ۾ به آئسوليشن وارڊ قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان اسپتالن ۾ موجود طبي عملي کي منڪي پاڪس جي شڪي مريضن سان احتياط کي نظر ۾ رکڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
ماهرن موجب منڪي پاڪس وائرس جانورن کان جانور ۽ هاڻ انسانن ۾ مستقل ٿي ويو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ منڪي پاڪس جا 92 ڪنفرم ۽ 20 شڪي ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته منڪي پاڪس وائرس متاثر شخص کي هٿ لڳائڻ ۽ داڻن مان رت وهڻ سبب پکڙجندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔